بزم ٽالپر

بزم ٽالپر

بزم ٽالپر

بزم ٽالپر ( ڪتاب ): ” بزم ٽالپر “ ڪتاب ميرزا علي متقي بيگ جو تصنيف ڪيل آهي . هن ڪتاب ۾ مصنف سنڌ جي تاريخ تي سرسري نظر وجهڻ بعد ، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي تعلقات کي پڻ واضح ڪيو آهي ، جنهن ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ اختلافن جي شروعات ڪيئن ٿي . هن ڪتاب ۾ حيدرآباد جي سڀني ميرن ( شاعرن ) جي احوال سان گڏوگڏ ڪلام جو نمونو به ڏنل آهي . ان کان سواءِ مصنف ميرن جي بزم يعني ميرن جي درباري شاعرن جي احوال سان گڏ سندن ڪلام جو نمونو به ڏنو آهي . ڪتاب جي آخر ۾ ڇپجڻ واري سن تي هڪ قطعه تاريخ به آهي جيڪا صفدر حسين ميرزا ” سيفي “ جي چيل آهي . هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ ۾ ٽالپر دور تي مستند ڪتاب آهي . هي ڪتاب 2005ع ۾ دانش پبلڪيشن طرفان شايع ٿي چڪو آهي .


لفظ بزم ٽالپرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو